شام ولايت ۾

شام ولايت ۾

شام ولايت ۾

شام ولايت ۾ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري صحافي ۽ اديب محمد اقبال دل جو شام جي سفرنامي تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جا ٻه اکر نامور ڪهاڻيڪار سراج، پيش لفظ ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ مهاڳ ‘شام ولايت ۾ ’ جي سري سان علي احمد بروهيءَ لکيو آهي. ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل يوسف شاهين لکيو آهي. ڪتاب جي ارپنا ليکڪ پنهنجي والد حاجي احمد علي مجذوب کي ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ جديد شام، شام جو سامونڊي ڪنارو، شام قديم ۽ جديد تاريخ، جاگرافي، سفر جي تياري ۽ روانگي، سوق الحميديه، پراڻو دمشق، دمشق ۾ عيسائي علائقو؛ ڪرد قوم، جنهن کي پنهنجي زمين ڪانهي، المرڪز سيده زينب، يوسف قدسيءَ سان ڪچهري، جولان: تاريخي پسمنظر، جولان جو سون اپائيندڙ علائقو، جبل الشيخ، شيخ الجبال، قينطره، شهيدن جي وادي، جولان ۾ شاديءَ جو ڪاڄ، العرس، شام جي مري، بقين، قديم عيسائي گرجا، صيدانيه، معلوله: جبل ۾ قدرتي ڦاٽ، پٿر جي دور جا گهر، جتي حضرت عيسيٰ عه جي دور جي ٻولي اڃا زندهه آهي؛ فهيم ۽ فضيلا سان ملاقات، دمشق مان واپسي ۽ ٻه خوبصورت همسفر عنوان سان لکڻيون شامل آهن. 176 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان هن ڪتاب کي جهانگي پبليڪيشن ڪراچي، 1999ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو